پيرولاشاري (ن پ ا) پيرو لاشاري ۾ ڪئنالن خلاف هارين ۽ زميندارن جو ڌرڻو خبر موجب پرو لاشاري ۾ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف نوجوان اتحاد پيرولاشاري جي سڏ تي مختلف علائقن جي هارين، زميندارن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي مين حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن مير اعجاز ٽالپر، نظير پاڙهو، مير فيصل ٽالپر، سڪندر خاصخيلي، باسط خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍيا ويا ته بدين ضلعو ويتر ڏڪار جي ور چڙهي ويندو، هنن وفاق حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ نوان ڪينال رد ڪري سنڌ کي ۽ خاص ڪري بدين ضلع کي بنجر ٿيڻ کان بچايو، هنن چيو ته سنڌوءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍن جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين