پيرولاشاري(ن پ ا) پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ عارب شيدي واسي پورهيتن ممتاز شيدي، غلام قادر شيدي عرس شيدي ذميندار اظهر جوڻيجو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام هنيو ته بااثر شخص غلام قادر اعواڻ جي بڇ تي سندس ڀائٽن سيف الله اعواڻ، عبيدالله اعواڻ، علي حسن، اسد الله، هدايت الله ۽ ٻين اسان جي نوجوان مختيار شيدي کي اظهر جوڻيجو جي ٻني تي ڪم ڪار ڪندي کيس بي گناھه زبردستي ٻڌي کڻي سندن اوطاق تي سخت تشدد ڪري ٻڌي ڇڏيو، اطلاح تي وارثن پهچي نوجوان کي ڇڏائي ورتو، هنن چيو ته اسان پهرين غلام قادر جا هاري هياسين ته اسان کي هارپي جو حساب صحيح نه ڏيندو هو، جڏهن سندس ٻني ڇڏي ٻي پاسي هارپو ڪري رهيا آهيون ته هو اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهيو آهي، هنن ايس ايس پي بدين، آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.