پيرولاشاري(ن پ ا) پيرولاشاري نائيٽ ٽورنامنٽ جي اوپنگ سرمني ٿي گذري، پهرين ميچ مدينا هيروز ۽ فرينڊز اليون جي وچ ۾ کيڏي وئي، مدينا هيروز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته فاسٽ بالر اظهر ملاح شاندار بيٽنگ ڪندي 81 رنسن جو اسڪور ڪيو مدينا هيروز مقرر 8 اوورن ۾ 130 رنسو ٺاهيو، فرينڊز اليون جي طرف کان بهترين بالنگ ڪئي وئي جنهن ۾ فراز جمالي، فدا  خاصخيلي، ساگر انصاري بهترين پرفامنس جو مظاهرو ڪيو، فرينڊز اليون جوابي بيٽنگ ڪندي گهربل ٽارگٽ 7.2 بال ۾ ٺاهي ورتو فرينڊز اليون جي طرف کان بهترين بيٽنگ ڪئي وئي جڏهن ته فراز جمالي 41،  فرحان خاصخيلي 40، فيضان خاصخيلي 25 رنسو ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ميچ کٽرائي مين آف دي ميچ فراز جمالي کي ڏنو ويو ان موقعي ڪرڪيٽ آرگنائزیشن طرفان مين آف دي ميچ کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام پڻ ڏنو ويو.