پيرولاشاري(ن پ ا) پيرولاشاري مير احسان ۽ مير شهاب جي اڳواڻي ۾ جاري وي پي ايل نائيٽ ۾ چوٿين رات به بهترين مقابلو ڏسڻ وٽان مليو ، ميچ باغي اليون ۽ السما بدين وچ ۾ کيڏي وئي، باغي اليون ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، رضوان چانڊيو جي 42 ۽ اورنگزيب چانڊيو جي 25 رنسن جي مدد سان باغي اليون مقرر 8 اوورن ۾ 115 رنسون ٺاهيون، السما بدين جوابي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 113 رنسون ٺاهي ميچ هارائي وئي، فرحان انصاري جون 53 رنسون به پنهنجي ٽيم لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيون، باغي اليون طرفان سجاد چانڊيو ۽ عالم چانڊيو بهترين بالنگ ڪئي، رضوان چانڊيو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.