پيرولاشاري(ن پ ا) پيرولاشاري ۾ وي پي ايل (وليج پريميئر ليگ) نائيٽ ٽورنامنٽ جاري آهي جڏهن ته ٻي رات به بهترين مقابلا ٿي گزريا پهريون ميچ پرنس اليون ۽ نوراني بادشاھ جي وچ ۾ کيڏيو ويو. پرنس اليون ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ريحان ٽالپر جي 52 رنسن ۽ عامر ٽالپر جي 41 رنسن جي مدد سان پرنس اليون مقرر 7 اوورن ۾ 147 رنسون ٺاهيون. نوراني بادشاہ جوابي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 90 رنسون ٺاهي ميچ هارائي وئي پرنس اليون جي طرف کان سجاد عالماڻي بهترين بالنگ ڪئي ميچ جو هيرو ريحان ٽالپر کي قرار ڏنو ويو، ٻيو ميچ ملاح ٽائگر ۽ شاهين اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو ملاح ٽائگر ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو مقرر 7 اوور ۾ 72 رنسو ٺاهيون جنهن ۾ اعظم لاشاري 27 ٺاهيو شاهين اليون جوابي بيٽنگ ڪندي گهربل ٽارگٽ 4.2 بال ۾ ٺاهي ورتو جنهن ۾ ظفر چانڊيو 38 رنسو ٺاهي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.