پيرونمل(رپورٽ: دلدار حسين خاصخيلي) سانگهڙ جي يونين ڪائونسل ٻوٻي يوسي سيٺاردڙوبازار، بهرم بري،ساڌڻوسميت مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال مينهن ،ڍڳي ،ٻڪرن رڍن ۾ سمهاڙو ،گهٽي ،ڦڦڙن ،جري جي بيماري سبب سوين ننڍا وڏا جانور مرڻ لڳا آهن،  جڏهن ته هڪ ئي ڳوٺ رئيس محمد بخش لسڪاڻي ۾  30 کان مٿي مينهون گهٽي جي بيماري  وڳي مري ويون آهن جنهن ڪري ڀاڳئي امجد خان لسڪاڻي کي لکين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ان کان علاوه مختلف علائقن جي ڳوٺن ۾ مينهون ٻڪريون رڍون ڍڳيون مري چڪيون آهن جڏهن ته ڪيترائي جانور هن وقت بيماري ۾   وڪوڙيل  آهن ڀاڳئي امجد علي لسڪاڻي ٻڌايو ته اسان پرائيويٽ وٽنري ڊاڪٽرن کان مال جو علاج ڪرايو آهي پر مال کي ڪوبه فائدو ناهي پهتو جڏهن ته سرڪاري وٽنري عملو نظر ئي نٿو اچي، ڪيترن ئي مسڪينن غريب مالوند ماڻهن جو مال مري رهيو آهي وٽنري کاتو سانگهڙ اگهور ننڊ ۾ ستل آهي هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.