پيرونمل(ن پ ا) ڪنڊياري لڳ نوجوان پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، خبر موجب ڳوٺ سليمان وساڻ ۾ 25 سالا گوپال ميگھواڙ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري ڇڏيو، نوجوان کي سخت زخمي حالت ۾ ڪنڊياري رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي گھڻو رت وھڻ ڪري نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، معلوم ٿيو آھي ته ڪجھه ڏينھن اڳ نوجوان جي دوست مراد چانڊيو پڻ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو هو، جنھن بعد نوجوان اڪثر مايوس رهندو هو جنهن ڪري هن به انت آڻي ڇڏيو.