پيرولاشاري(ن پ ا) پيرولاشاري ويجهو مير احسان ۽ مير شهاب جي اڳواڻي ۾ جاري وي پي ايل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ گذريل رات به بهترين مقابلا ڏسڻ وٽان مليا. ميچ شاهزيب اليون رپ ۽ ٽالپر ٽائگر  جي وچ ۾ ٿي. شاهزيب اليون رپ  ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو اشس شاه جي 25 رنسن جي مدد سان شاهزيب  اليون مقرر 8  اوورن ۾ 81  رنسون ٺاهيو ن جوابي بيٽنگ ڪندي ٽالپر ٽائگر  گهربل ٽارگٽ 4 اوور ۾ ٺاهي ميچ پنهنجي نالي ڪيو. ٽالپر ٽائگر  جي طرف کان علي رضا  بهترين  آلرائونڊ پرفامنس ڏني ميچ جو هيرو  علي رضا جمالي کي قرار ڏنو ويو.