پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ۾ باهه، هڪ هوٽل سميت 10 دڪان سڙي رک، ان ڏس ۾  باهه سبب  هڪ هوٽل سميت 2 دڪان ۽ 2 ڪيبنون  سڙي رک ٿي ويون، جڏهن ته 10 دڪانن جا ڇپرا سڙي ويا، ٻئي طرف  هوٽل مالڪ نياز، دڪان مالڪ حاجي شريف خاصخيلي موجب  نامعلوم شرپسند هوٽل ۽ دڪانن کي باھ ڏئي ويا آهن، هوڏانهن باھ وسائڻ دوران پورهيت نوجوان ڌارشي بجاڻو سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.