پيرولاشاري (رپورٽ:ياسين جوڻيجو) پيرولاشاري ڳوٺ ڇتو جوڻيجو واسين ماڇي برادري جي ڳوٺاڻن جو بااثر شخص پاران پاڙي جو رستو بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پيرولاشاري ڳوٺ ڇتو جوڻيجو جي رهواسين، علي خان ماڇي، حاجي سلطان ماڇي، محمد رمضان ماڇي، انور ماڇي ۽ ٻين معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته اسان گذريل 100 سالن کان سرڪاري پلاٽ تي ويٺل آهيون اسان جي پاڙي کان اسپتال، اسڪول، مسجد، مدرسي ۽ شهر طرف ويندڙ واحد مک رستو بااثر شخص وڪيل مير حسين بخش ٽالپر ۽ سندس پٽن بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا اسڪول ۽ مدرسي وڃڻ لاءِ پريشان آهن ان کان علاوه ڳوٺاڻا مسجد ۽ شهر وڃڻ لاءِ پڻ سخت پريشان آهن، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر شخص اسان کي سرڪاري پلاٽ تان لڏائڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيو آهي، هنن چيو ته يوسي چيئرمين طرفان اسان جي پاڙي کي سرن جي پڪي بائونڊري پڻ ڏني آهي، جنهن جو ڪم بااثر شخص زبردستي بند ڪرائي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر اسان کي يا اسان جي ٻارڙن کي ڪوبه نقصان پهچائي سگهي ٿو، هنن ايس ايس پي بدين ايس ايچ او بدين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي پاڙي جي سرڪاري بائونڊري تان بااثر شخص جو قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.