ٺري ميرواهه/ پير وسڻ (رپورٽ: عابد حسين شر/ وسيم عباس منهاس) پير وسڻ لڳ کرڙاھ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ڦل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ف ليگ يوسي صدر قتل ٿي ويو، لٺيون ۽ ڪهاڙين لڳڻ سبب 9 ڄڻا سخت زخمي، اڌ ڪلاڪ تائين علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، ڪيس درج نه ٿيو، پوليس ٻنهي ڌرين زخمين کي حراست ۾ وٺي اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن پير وسڻ ٿاڻي جي حد کرڙاھ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان غلام نبي ۽ مهر علي ڦل جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران جهيڙيندڙ ڌرين جي ماڻهن لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي 10 ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جهيڙي سبب اڌ ڪلاڪ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، بعد ۾ مقامي ڳوٺاڻن زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ ۽ گمبٽ منتقل ڪيو، جن مان هڪ ڄڻو مقامي صحافي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جو يوسي صدر 35 سالن جو وحيد علي پٽ ميهر ڦل ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته هڪ زخمي برڪت علي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ٻنهي ڌرين جي زخمين ۾ عاشق علي، غلام مصطفيٰ، ڀورل، گوندل ڦل، رشيد، معروف، ربنواز، راشد، عظيم ڦل ۽ ٻيا شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب پير وسڻ پوليس جهيڙي جو اطلاع ملڻ باوجود هڪ ڪلاڪ دير پهتي، جنهن سبب هڪ نوجوان جي زندگي ضايع ٿي ويئي. فوتي وحيد علي ڦل جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان فنڪشنل مسلم ليگ جو يوسي صدر ۽ پريس ڪلب کرڙاھ جو جنرل سيڪريٽري به هو ۽  علائقي سياسي سماجي ڪارڪن طور سڃاتو ويندو هو. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان اڳرائي جو الزام هنيو آهي. جهيڙي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، جڏهن ته ٻيهر رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.