سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدارن طرفان ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جاچ آفيسر پاران ڪاغذ پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ جنسي تشدد سبب فوت ٿي ويل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار اسد شاهه ۽ فياض شاهه طرفان داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت آڏو مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جو والد نديم ۽ امڙ شبنم ڦرڙو، ڪيس جو جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ، جوابدار اسد شاهه، حنا شاهه ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا، جاچ آفيسر پاران ڪاغذ پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ضمانت لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن عدالت کان ٻاهر اچڻ دوران اسد شاهه جي والدهه صحافين طرفان ڪوريج ڪرڻ تان مڇرجي پئي، هن فوٽو ڪڍندڙ ۽ وڊيو ٺاهيندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون پردهه دار آهيان، منهنجا فوٽو ۽ وڊيو ڇو ٺاهي رهيا آهيو، رڪارڊ ڪيل وڊيو ۽ فوٽو فوري ڊليٽ ڪريو، مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ۽ امڙ شبنم ڦرڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جوابدارن سان ڪو به ٺاهه ناهي ڪيو، ڏکوئيندڙ واقعي کانپوءِ جن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن آخري وقت تائين گڏ رهڻ جو وچن ڪيو هو، اهي سڀ ساٿ ڇڏي ويا آهن، اسان مٿان پئسا وٺڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو، انساني حقن جي تنظيمن طرفان قانوني مدد لاءِ مالي امداد طور جيڪي پئسا ڏنا ويا هئا اها امدادي رقم نام نهاد هڪ سماجي عورت اڳواڻ ڦٻائي غائب ٿي وئي آهي، پر پوءِ به حوصلو ناهي هاريو.