شڪارپور: متاثر ناري فرحانا دانھيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي، شڪارپور پوليس جي جوڙيل ٽيم اسان کان ابتا سبتا سوال ڪري ڪيس خراب ڪرڻ چاھي ٿي، اسان هن وقت به خوف واري ماحول ۾ آھيون، هن چيو ته اسان کي پيرن مان جاني خطرو آھي، اسان کي شڪ آھي ته پوليس اسان سان ويساهه گهاتي ڪري اسان جي رڪارڊ ٿيل وڊيو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جنھن ڪري اسين آءِ جي سنڌ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان گھر ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.