سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود راڻيپوري پيرن جي حويلي مان مبينا گم ٿي ويل ناري ثنا گراماڻي بازياب نه ٿي سگهي آهي، ايس ايس پي خيرپور عدالت کان مهلت گهري ورتي، راڻيپوري پيرن جي حويلي مان گم ٿيل ناري ثنا گراماڻي جي بازيابي واري درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي خيرپور زبير نذير شيخ پيش ٿيو، وڪيل موجب خيرپور پوليس عدالتي حڪم باوجود ناري ثنا گراماڻي کي بازياب ناهي ڪرايو،  عدالتي پڇاڻي تي ايس ايس پي هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کي ناري جي بازيابي جي سلسلي ۾ مهلت جي درخواست ڪئي، عدالت ايس ايس پي خيرپور جي مهلت واري درخواست تي 28 جون تائين مهلت ڏني.