جاتي (ن پ ا) پيرن اگھاڙن سنڌ واسين کي اجھو ڏيڻ سنڌ ۾ تبديلي جي علامت آهي ، سنڌ م برسات سٽيلن جي گھرن جي تعمير ۽ مالڪاڻه حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خواب جي تعبير آهي. اھڙو اظهار صوبائي وزير فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ  محمد علي ملڪاڻي جاتي لڳ ڳوٺ حاجي خان لاشاري ۾ سنڌ پيپلز ھائوسنگ فائونڊيشن طرفان ٻوڏ متاثرين جي تيار ڪيل 34 گھرن جي سندون ورھائي ڳوٺاڻن کي مالڪاڻه حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت متاثرين کي گھر جي تعمير ۾ مدد ڪري رهي آهي جنهن سان غريبن کي سک حاصل ٿيندو. سنڌ ۾ غريبن جي زندگي م تبديلي لاءِ پ پ پ ڪوششون ڪري رهي آهي ، اسان کي ھيٺين طبقي جي تڪليفن جو احساس ٿيڻ گهرجي. تقريب کي ڊي سي سجاول زاھد حسين رند ، رضوان عالم شيخ ، تشڪيل ڪماريو ۽ٻين خطاب ڪيو.