پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ڀرسان 13 گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، پوسٽ مارٽم ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ورتل سمپل جي رپورٽ پڌري، کاڌي ۾ نشو ۽ زهر مليل هجڻ جي تصديق، هڪ شڪي گرفتار، پڇا ڳاڇا جاري، رپورٽ موجب ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ 20 ڏينهن اڳ 13 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا هئا، جن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ گهر مان کاڌي پيتي جي شين جي ورتل سمپل واري رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهرڀاتين کي پهريان نشو ڏئي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو، جنهن سبب سندن موت واقع ٿيو، هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته 20 ڏينهن اڳ پورهيت گل بيگ بروهي سميت سندس 13 گهرڀاتي زهريلو کاڌو کائڻ سبب اڳ ۾ بيهوش ٿيا ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويا هئا، فوت ٿيلن ۾ 50 سالا گل بيگ، سندس زال 45 سالا گل زادي، گل بيگ بروهي جا 3 پٽ 20 سالا منظور بروهي، 15 سالا دلبر، 10 سالا دلدار، سندس پنج نياڻيون 14 سالا فهميدهه، 12 سالا سونيا، 10سالا گل بيبي، 6 سالا مريم، 3 سالا حاجاڻي، 60 سالا محمد بخش بروهي، سندس ڏوهٽو 5 سالا شاداب بروهي ۽ هڪ پاڙيسري 40 سالا غلام اصغر شامل هئا.