پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ شهرين شهر جي مختلف علائقن ۾ سر عام هلندڙ آئيس، ھيروئن، شراب ۽ ٻئي منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ھارون شاهه راشدي، ابوبڪر شاهه راشدي، شمس الدين لاڙڪ، پرويز ميمڻ، سعيد سانڱري، سراج منڱڻيجو، پروفيسر اختيار گهمرو، بشير احمد ڀنڊ ۽ رضا راهوجو چيو ته منشيات فروش سر عام پوليس سرپرستي ۾ پيرجوڳوٺ شهر جي مختلف علائقن ماڪن مقام، ڪانهر موڙ، سانڱري محلي سميت ڪوٽ پل ۾ آئيس، ھيروئن، شراب ۽ ٻئي منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته نوجوان نسل آئيس جھڙي خطرناڪ نشي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جيڪي مجبور ٿي چوريون پڻ ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.