پيرجوڳوٺ ۾ سولنگي-ناريجا تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو، ڇڪتاڻ

0
18
پيرجوڳوٺ ۾ سولنگي-ناريجا تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو، ڇڪتاڻ
پيرجوڳوٺ ۾ سولنگي-ناريجا تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو، ڇڪتاڻ

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) هڪ مهينو اڳ سولنگي برادري سان واسطو رکندڙ پوليس اهلڪارن هٿان قتل ٿيل سائين ڏنو ناريجو جي مارجڻ بعد شروع ٿيل تڪرار ۾ ناريجا برادري جي هٿياربندن هٿان وڌيڪ هڪ سولنگي نوجوان قتل ٿي ويو، جنهن بعد تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي، ڪالهه ناريجا برادري جي هٿياربندن هٿان ڳوٺ ڊرگهپور واسي نوجوان سهيل پٽ غلام رسول سولنگي قتل ٿي ويو، جنهن بعد ڌرين جي تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي اسگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.