پيرجوڳوٺ ڀرسان ڦل واھڻ مائينر کي 20 فوٽ گھارو

0
16

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڦل واھڻ مائينر کي 20 فٽ گھارو پئجي وئي، گهاري سبب فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا ، فصل پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب آبادگارن جو نقصان ٿيو آھي، ڳوٺاڻن اطلاع تي پھچي پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪري ورتو، آبادگارن شھزادو ڦلپوٽو عبدالرحمان ڦلپوٽو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو، پيرجوڳوٺ لڳ ڦل واھڻ مائينر کي 20 فوٽ گھارو پئجي وڃڻ سبب پاڻي زرعي زمينن ۾ داخل ٿي ويو،جنھن سبب فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت بروقت گھارو بند ڪري ڇڏيو، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ واھ جي ڪنارن کي مظبوط ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن وڌيڪ نقصان کان محفوظ رھي سگھجي.