پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرڳوٺ ڀرسان مبينا زهريلو کير پيئڻ سبب نينگر سميت 2 ڄڻا فوت، معصوم ٻارڙن سميت 6 ڄڻن جي حالت خراب، اسپتال منتقل، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ مبينا زهريلو کير پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جي 8 گهر ڀاتين کي الٽيون اچي ويون ۽ سندن حالت خراب ٿي وئي، جن کي مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتي 30 ورهين جو غلام اصغر بروهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 ورهين جي نينگر دلدار پٽ گل بيگ خيرپور اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال ۾ داخل معصوم ٻارڙن سميت 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، مريضن ۾ منظوران خاتون، مريم خاتون، حاجاڻي، نينگر دلبر بروهي ۽ ٻيا شامل آهن، ان سلسلي ۾ گهر ڌڻي گل بيگ بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر ۾ پيل کير پيئڻ سبب گهر ڀاتين کي الٽيون شروع ٿي ويو، جن مان نوجوان ۽ نينگر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي.