پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرجوڳوٺ ڀرسان پلاٽ مالڪي تان بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن فوت، 3 ڄڻا زخمي، وارثن پاران مخالفن تي پيرسن کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام، رپورٽ موجب ڳوٺ متو خان بڙدي ۾ پلاٽ مالڪي تان بڙدي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن دوران پيرسن تاج محمد بڙدي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا ذاڪر بڙدي، يامين بڙدي ۽ عامر بڙدي سخت زخمي ٿي پيا، پيرسن جي وارثن الزام ھڻندي چيو ته جوابدارن اربيلو بڙدي، رحيم بڙدي ۽ رابيل بڙدي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن حملو ڪري پيرسن تاج محمد کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، اطلاع تي پيرجوڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي پيرسن جو لاش ۽ زخمين کي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته فوتي پيرسن جي وارثن پاران سندس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي گهر کڻائي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي پيرسن جي وارثن کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي پر هنن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پيرسن جي قتل جو الزام ڪوڙو آهي، هو دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي.