پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) ڪنگري جي ڪچي ڪيٽي زمان شاهه راشدي ۾ گذريل رات هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا مڙهه هٿيارن جي ڇانو ۾ دفن، واقعي جو ڪيس  داخل نه ٿيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن کي ٻنڊي ڪلهوڙا جي ڪلهوڙن قتل ڪيو آهي، رپورٽ موجب گذريل رات ڪنگري جي ڪچي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪيٽي زمان شاھ راشدي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ٻن ڄڻن دلشاد ناريجو ۽  غلام نبي شيخ جي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن بعد مور ناريجو جي تدفين ڪولاب جيئل لڳ شيخ طيب قبرستان ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته غلام نبي شيخ کي نئون ديرو لڳ وانڍ ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مارجي ويل دلشاد ناريجو جي وارثن قابل ناريجو ۽ ٻين الزام هنيو ته ڪلهوڙا برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، گذريل رات هنن اسان جي نوجوان کي زمين تي ڪم ڪرڻ دوران حملو ڪري قتل ڪيو، ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهجي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.