پيرجوڳوٺ(رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ صدرجي ۾ نامعلوم ھٿياربندن رٽائرڊ فوجي ضمير حسين جوڻيجو جي گهر ۾ گهڙي سندس گهر ۾ بيٺل ڀلوڙ مينھن ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا ۽ فوجي پاران ھٿياربندن سان مزاحمت ڪندي مينھن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ مقتول رٽائرڊ فوجي جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن گهر ۾ گهڙي مينهن چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا ۽ فوجي پاران چورن سان مزاحمت ڪرڻ تي کيس سڌيون گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ھو جنهن کي اسپتال کڻي وڃي رهيا ھئاسين ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف مقتول جي وارثن پاران ٿاڻي جي اڳيان لاش رکي ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو جنھن کانپوءِ ڊي ايس پي ڪيٽي پير پاڳارا ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مقتول جي خون سان انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جڏھن ته مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو،ٻئي طرف شڪ جي بنياد تي پوليس غلام اصغر عرف اشرف اڄڻ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.