پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، رپورٽ موجب ڳوٺ گهوگهي مڱڻيجا جو رهواسي اختيار احمد مڱڻيجو گهر جي بجلي ٺاهڻ لاءِ پول تي چڙهي بجلي ٺاهي رهيو هو ته کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ھيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي پيرجوڳوٺ اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.