پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرڳوٺ ڀرسان  جاگيراڻي سولنگي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تيز، مڙهه دفنائڻ ويلن تي فائرنگ، نوجوان قتل، واٽهڙو ۽ ناري سميت 4 ڄڻا سخت زخمي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، راڪيٽ لانچر فائر، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ ڀرسان وڏا ماڇيون ۽ ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان  هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه سولنگي ڌر جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جاگيراڻي ڌر جو نوجوان شهزور پٽ نواب جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال ڪار تي کڻي ويندڙ محمد مٺل جاگيراڻي کي به پوليس جي موجودگي ۾ سولنگي ڌر جي هٿياربندن گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ ببلو پٽ محمد  جاگيراڻي، نوجوان ناري سائشتا جاگيراڻي ۽ واٽهڙو ارشاد ڪوري سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته نوجوان شهزور جاگيراڻي اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل نوجوان جو مڙهه ۽ زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جهيڙيندڙ ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ڪري ڪوٽ پل ۽ ماڇيون وڏا وارو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، جاگيراڻي برادري جي ببلو جاگيراڻي ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاگيراڻي برادري جي پيرسن عورت فوت ٿي وئي جنهن کي وڏا ماڇيون ڀرسان قبرستان ۾ سامي کڻڻ لاءِ ويل جاگيراڻي برادري جي ماڻهن تي سولنگي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان شهزور جاگيراڻي مارجي ويو، جڏهن ته گهر ۾ موجود نوجوان ناري شائستا جاگيراڻي ۽ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيا، ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ جاگيراڻي ڌر سولنگي برادري جي نوجوان تي ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان ناري فهميدهه جاگيراڻي کي قتل ڪيو هو، جنهن تان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي.