پيداوار ۾ لاٿ سبب 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو

0
16
پيداوار ۾ لاٿ سبب 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو
پيداوار ۾ لاٿ سبب 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪاميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، چيف شماريات اجلاس کي آگاهي ڏني ته کنڊ جي پيداوار ۾ هڪ ملين ٽن جي گهٽتائي ٿي آهي، هن سال رڳو 5.8 ملين ٽن پيداوار ٿي آهي. جڏهن ته خوراڪ واري وزارت جي نمائندي چيو ته 500 ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف شماريات چيو ته مالي سال 25/2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.5 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، جڏهن ته گذريل سال اها شرح 23.4 سيڪڙو هئي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 25/2024ع جي مهانگائي جي شرح گذريل 9 سالن جي سڀ کان گهٽ شرح آهي، چيف شماريات چيو ته خوراڪ جي شين ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي 4.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال اها شرح 2.6 سيڪڙو هئي، سنڌ ۾ هاءِ وي بندش سبب فوڊ سپلاءِ متاثر ٿي، ايل پي جي، ڪيلا، سرنهن جو تيل، چڻا ۽ منڱن جي دال سستي ٿي آهي، کنڊ جي قيمت لڳ ڀڳ 190 رُپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. کنڊ جي پئداوار ۾ هڪ ملين ٽن جي گهٽتائي ٿي، هن سال رڳو 5.8 ملين ٽن پيداوار ٿي آهي. خوراڪ واري وفاقي وزير جي نمائندي چيو ته 500 ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.