پيار جي پڄاڻي!ناري جو پريمي جي مخالفت ۾ بيان

0
552
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ننگرپارڪر جي رهواسڻ ناري کي والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ننگر پارڪر سان تعلق رکندڙ نوجوان يعقوب سمون وڪيل ذوالفقار ابڙو معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته 2 مهينا اڳ مسمات هوا ڇڇر سان پرڻو ڪيو هو

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته شادي بعد گهمڻ لاءِ ويل زال کي مائٽن قيد ڪري ڇڏيو آهي، پوليس زال جي بازيابي لاءِ تحرڪ نه ٿي وٺي

عدالتي حڪم تي ٿرپارڪر پوليس ناري کي بيان لاءِ پيش ڪيو، ناري بيان ڏنو ته يعقوب سمون ساڻس زبردستي شادي ڪئي هئي جنهن بعد وجهه وٺي مائٽن پهتيس ۽ هاڻي به والدين وٽ رهنديس

عدالت ناري جي بيان بعد کيس والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏيندي ايس ايس پي ٿرپارڪر کي حڪم ڏنو ته ناري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي