ٽنڊوالهيار/جهنڊومري(رپورٽر+ن پ ا) پيارولنڊ لڳ خونخوار جانور جي حملي ۾ ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيو. رات دير سان پيارولنڊ لڳ مصري لنڊ لڳ غلام قادر لنڊ زرعي زمين تي ستل هو اچانڪ هڪ عجيب قسم جوطاقتور جانور آيو، جنهن ڪتي تي حملو ڪيو  همراھه غلام قادر لنڊ  ڪتي جي رڙين تي اٿيو ۽ جانور کي ڪهاڙي اڇلائي هئي جانور ڪتي کي ڇڏي غلام قادر تي حملو ڪري ڏنو رڙين  تي سندس پٽ عزيز لنڊ سجاڳ ٿيو ته سندس والد کي ڪاري رنگ جو طاقتور جانور دسي مارڻ جي ڪري رهيو آهي هن ڦڙتي سان جانور کي ٻياني جي ڪاٺي سان حملو ڪيو جانور کي زوردار ڌڪ هنيا  ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو رڙيون ڪري پهتا جانور غلام قادر  کي ڇڏي ڀڄي ويو  زخمي غلام قادر کي سول اسپتال آندو ويو، غلام قادر کي منهن تي 16ٽانڪا لڳا  غلام قادر جي پٽ عزيز لنڊ ميڊيا کي ٻڌايو ته جانور ڪاري رنگ جو هو ٻن پيرن تي بيٺل هو قد تقريب 6کان 7فوٽ هو ٻئي پاسي ڄاڻ ملي آهي ته ڪجھ ڏينهن پهرين  ڳوٺ نمرو ويجهو مري برادري جي ماڻهن تي جانور حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مري برادري جي ماڻهن سڌا فائر ڪيا ته جانور ڀڃي ويو . مري برداري جي ماڻهن ٻڌايو ته جانور ڪاري رنگ جو رڇ جهڙو آهي. هن وقت علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي هتان جي رهواسين وائلڊلائف کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته خونخوار جانور کي پڪڙي اسان جي جان جي حفاظت ڪئي وڃي.