ٽنڊو الهيار/ جهنڊومري (نمائندن وٽان) پيارو لنڊ ڀرسان ڦر دوران قتل نوجوان کي ذاتي دشمني ۽ مخبري ڪرڻ تان مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊي الهيار ويجھو ڳوٺ ڪارڙو خاصخيلي ۾ لڳ ڪانڊاريندڙ واقعو نوجوان کي پوليس جي مخبري ڪرڻ ڳوٺ ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ تان ڪھاڙين سان وار ڪري قتل ڪيو ويو. گذريل رات دير سان پيارولنڊ ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ڪارڙا خاصخيلي لنڪ روڊ تي جوابدارن بيدردي سان ڪهاڙيون ھڻي36 وريهن جي يار محمد خاصخيلي کي زخمي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. نوجوان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦٿڪندو رھيو، رستي تان گزرندڙ ماڻهن زخمي کي ڏسي اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو. پيارولنڊ پوليس پهچي زخمي يارمحمد خاصخيلي کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالهيار نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او پيارولنڊ شڪيل جمالي ٻڌايو ته اسان وٽ 2 جوابدارن علائقي جي وڏيري هٿان گرفتاري پيش ڪئي آهي پر واردات ۾ استعمال ٿيندڙ اصل ڪهاڙي ۽ ڪپڙا نه ڏنا ويا آهن هن چيو ته مقتول جي گاڏي اسانکي ڪمند جي فصل مان هٿ آئي آهي هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندس اسان 2 جوابدار قيوم خاصخيلي ۽ منشاد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون. . ايس ايچ او پيارولنڊ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي وڌيڪ ٻڌايو ته ڦر جو ڊرامون ڪري ذاتي دشمني سبب يارمحمد کي قتل ڪيو ويو آھي باقي ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن وڌيڪ وارث اچي انهن جوابدارن جي مٿان ڪيس داخل ڪرائيندا.