پيارو اسٽيشن(ن پ ا) پيارو اسٽيشن ۾ بجلي تارون چوري ڪندڙ گروپ سرگرم گذريل رات يارهن هزار تارن کان پوءِ پوليس پوسٽ پيارو اسٽيشن جي حد ۾ ڳوٺ گاجي پنهور ۾ لڳل ٽرانسفارمر کي هيٺ ڪيرائي ڀڃي اندران ڪوائلون چوري ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن  رضا محمد پنهور، شاهد حسين پنهور، اياز حسين پنهور، رياض حسين پنهور ۽ ٻين چيو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ رات جو اسان جي ڳوٺ سميت 15 کان 30 ڳوٺن ڏانهن ايندڙ 11 هزار مين لائين جي 4 ٿنڀن تان نامعلوم چور تارون لاهي ويا جنهن جي ڪري پيارو گرڊ تي 30 ڳوٺن جي بجلي بند پيل آهي ته وري گذريل رات اسان جي ڳوٺ گاجي پنهور جي ٽراسفارمر مان چور ڪوائلون چوري ڪري ويا آهن هنن وس وارن کان چورن خلاف ڪارروائي ۽ بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو