پيارواسٽيشن ( ن پ ا ) سيتا سرجڻهار پاران موهن جو دڙو ايڪسپريس بحال ٿيڻ  بعد  بولان ميل ۽ خوشحال خٽڪ سميت رھيل ٽرينن جي بحالي لاءِ  سيتاروڊ ۽ پيارواسٽيشن ۾ ريلي ڪڍي مشھورميمڻ جي اڳواڻي ۾270ھين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ML2  روھڙي  لاڙڪاڻو  دادو ڪوٽڙي ٽريڪ  تي سنڌو درياءِ جي ساڄي پاسي آباد سنڌ واسين خاطر  ڪراچي لاءِ ھڪ به ٽرين نه ھجڻ سبب مسافر گاڏين جو ڪرايو ڀري ڪراچي اچ وڃ ڪن ٿا. احتجاج ڪندڙڻ وڌيڪ چيو ته جيستائين روهڙي کان ڪراچي تائين بولان نه هلائي ويندي تيستائين احتجاج جاري رهندو.