پيارو اسٽيشن(ن پ  ا) پيارو اسٽيشن جي ڳوٺ اسلام پور آرائين جي ڳوٺاڻن غلام فريد آرائين. رمضان آرائين. زاهد هنڱورو. نويد آرائين. غلام رسول آرائين. عظيم آرائين. عرفان آرائين. نثار آرائين ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته پيارو اسٽيشن، يوسي رپ يوسي پاٽ ۽ يوسي جبيرجي ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي جنهن سبب بجلي جون تارون ۽ ٽرانسفارمر جون ڪوائلون چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهن هنن وڌيڪ چيو ته  گذريل رات نامعلوم چور اسان جي ڳوٺ اسلام پور آرائين مان ٽرانسفارمر کي هيٺ ڪيرائي ان جون قيمتي ڪوائلون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چور چوري ڪري ن سگهيا ۽ ڀڄي ويا هنن الزام هڻندي چيو ته پيارو ۽ رڪڻ پوليس جو گشت نه ڪرڻ مان لڳي ٿو ته پوليس چورن سان مليل آهي يا چور پوليس جي پڪڙ کان ٻاهر آهن هنن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ به نامعلوم چور ساڳي اسڪيم جو پاڻي وارو موٽر چوري ڪري ويا هيا جيڪو اڃا تائين واپس ناهي مليو ۽ ڳوٺاڻن چندو ڪري ٻيو موٽر وٺي ڳوٺ جو پاڻي بحال ڪرايو ڳوٺاڻن چيو ته اسان ڊي آء جي حيدرآباد آء جي سنڌ ۽ سي او واپڊا سکر کان مطالبو ڪيون ٿا ته چورن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري چورين تي ضابطو آڻي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.