ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) پيارو پوليس جي حد ڳوٺ جبيرجي ۾ 15 سالا نوجوان نادر علي چانڊيو پنهنجي امڙ کان ناراض ٿي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ جبيرجي ۾ 15 سالا نوجوان نادر علي ولد حافظ وزير چانڊيو پنهنجن عزيزن جي شادي پروگرام ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي ماءُ کان ناراض ٿي بندوق جو فائر ڪري پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي علاج لاءِ دادو سول اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، اسپتال ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، وارثن پاران لاش بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ان موقعي تي سندس ڀاءُ صدام حسين چانڊيو روئيندي ٻڌايو ته اسان جي مائٽن جي شادي جو پروگرام ھو جنهن ۾ ڀاءُ وڃڻ لاءِ ضد پئي ڪيو ، امڙ ۽ اسان هن کي شادي پروگرام ۾ وڃڻ کان روڪيو ته ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي اچانڪ بندوق کڻي پاڻ مٿان فائر ڪري پاڻ کي زخمي ڪري وڌو، اسان ڀاءُ کي بيھوشي واري حالت ۾ دادو اسپتال پھچايو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر ڀاءُ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.