پيار، پئسي کانسواءِ ائين آھي جيئن گاڏي پئٽرول بنا. جڏھن تہ پئٽرول ڪافي خودمختيار ھوندي بہ پئسي کانسواءِ وجود وڃائي ويھي ٿو. پيار، پئسي ۽ پئٽرول جو پاڻ ۾ اھڙو تہ تعلق آھي، جھڙو پنھنجي سنڌي عوام جو ھڪ خاص پارٽي سان عشق آھي ۽ عاشق ھميشہ معشوق جا قرضدار ھوندا آھن پر ماڻھو خبر ناھي ڇو اھا ڳالھ نٿا سمجھن..! اھو ھڪ محض اتفاق ئي آھي جو پيار، پئسي ۽ پئٽرول جا پھريان اکر ان پارٽي جي نالي سان ملندڙ آھن، جن کي اچارڻ سان ڪنھن وڏي گاڏيءَ جي ننڍي ھارن وڄائڻ جھڙو آواز نڪرندڙ ھجي ٿو. مون ھڪ دفعي موڳي مٽر کان پُڇيو تہ اوھان کي ڪھڙي خوشبوءِ وڌيڪ پسند آھي؟ تنھن تي ھن وراڻيو تہ، “مونکي پھرين خوشبوءِ نون نوٽن (پئسن) جي، ٻي نمبر تي پئٽرول ۽ ٽئين نمبر تي پيار جي وڻندي آھي.” ھن تہ پنھنجي پئٽرول پمپ تي پئسي، پيار ۽ پئٽرول جا ڪنھن سياستدان جيان وڏا فوٽا ھڻي ھاڻي نئين برانڊنگ ڪندي ھڪ ٽيگ لائين لکرائي آھي تہ، “مين ڦول ھون ميري خوشبوءِ تم ھو، مين دل ھون ميري ڌڙڪن تم ھو.”
پھرين ماڻھو پيار جي لاءِ پئسي ۽ پئٽرول جي قرباني ڏيندا ھئا پر ھاڻي پيار پڄاڻان واري ھن دور ۾ پئٽرول ھر قسم جي قرباني گھري ٿو، پوءِ اھا پيار جي ھجي، پئسي جي ھجي يا وقت جي. منھنجي دوست موڳي مٽر کي پنھنجي محبوبہ ويجھڙ ۾ ھڪ پارڪ ۾ اچڻ لاءِ حڪم ڪيو، تنھن تي ھمراھ گھران پنڌ نڪتو ۽ جڏھن پارڪ وٽ پھتو تہ پارڪ بند ٿيڻ جو ٽائيم ٿي ويو. مونکي ھن فون ڪئي تہ، “وارو ڪر يار، جلدي گاڏي ڪاھي پارڪ وٽ پھچ، ايمرجنسي آھي..!” آئون جڏھن پارڪ وٽ پھتس ته پارڪ جي گيٽ تي وڏي رش لڳي پئي ھئي، مون ڏٺو تہ سندس گرل فرينڊ ٺونشن سان پيار جو اظھار ڪري رھي ھئي..!
موڳي مٽر مونکي پئٽرول بابت حوال ڏيندي ٻڌايو تہ، “اڄ ڪلھ گاڏين جو پئٽرول سان ايترو تہ پيار وڌي ويو آھي جو پئٽرول جي ٽن ليٽرن تي گاڏيون مالڪ کي ھڪ ھزار ڀرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اڳ ۾ تہ موٽر سائيڪل جا مالڪ بائيڪ کي رڳو پئٽرول سنگھرائيندا ھئا تہ بہ ماڻھو گمبٽ کان لاڙڪاڻي پھچندو ھو، ھاڻي ڪو موٽرسائيڪل ۾ پنج سئو جو پئٽرول ڀرائي ڳوٺان نڪري خيرپور ميرس وڃي ٿو تہ ٽنڊي مستي تائين وڃي مس پھچڻ بعد موٽر سائيڪل جو مالڪ گاڏي سميت پاڻ سمھي ساھي پٽي وري پٽ سٽ ڪري پئٽرول ڀرائي خيرپور روانو ٿو ٿئي.“
مٽر جي سنگتي بصر بادي يونيورسٽي ۾ آخري سال ۾ پڙھندڙ پنھنجي پٽ جي شادي لاءِ تمام پريشان ھو، ڇو جو سندس پٽ ايترو تہ ڀلو ۽ خوبصورت ھو جو ڳوٺ تہ ٺھيو پر آس پاس جي علائقي واسين پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ڪونہ ھئا. تازو بصر پنھنجي واڱڻ رنگت واري پٽ جي نالي سان نيشنل ھائي وي تي رڳو پئٽرول پمپ لڳرائڻ جا پوسٽر ھنيا، ھاڻي ڳوٺ جا مٽ مائٽ توڙي اوڙي پاڙي جا ماڻھو بصر کي سندس پٽ لاءِ سڱ ڏيڻ لاءِ ايلاز پيا ڪن، ھاڻي ھُو ٻئي پيءُ پٽ روز ڪنھن نہ ڪنھن جي دعوت ۾ مفت جي مانين کي اھڙو تہ سٽڪو ٿا ڏين جو حساب ڪتاب ڪجي تہ پئٽرول پمپ ھڻڻ جي اڌ قيمت نڪري اچي.
ھاڻي تہ ھر سرڪاري آفيسر بدلي ٿيڻ کان اڳ بجيٽ ۾ رڳو پئٽرول (پي او ايل) جي مد ۾ رليز ٿيل يا رکيل پئسا ٿا ڏسن ۽ ڪيترن ئي آفيسرن جو پنھنجي لاڳاپيل آفيس سان ايترو تہ پيار ٿي ويو آھي جو پاڻ بائيڪ تي اچي گھر ۽ آفيس جي چانھ پاڻي جو خرچ رڳو پئٽرول جي بجيٽ مان ٿا ھلائين. تاريخي طور تي ڏسجي تہ پئٽرول ھميشہ سرڪاري گاڏين سان غيرمشروط محبت ڪئي آھي، ايستائين جو سرڪاري گاڏي ڀلي تہ سرن تي بيٺل ھجي پر پئٽرول جو ھڪ طرفو ساڻس پيار پيو ھلندو رھندو. نہ صرف ايستائين جو ڪيترن ئي گاڏين جو وجود ئي ڪونہ ھوندو آھي پر پوءِ بہ پئٽرول جو “حق موجود، سدا موجود” جي پيار واري فلسفي تحت ساڻس دائمي عشق ھميشہ پيو برقرار رھندو ايندو آھي. ھتي رياستون بہ تيل سان پيار ڪن ٿيون، جتي اسٽيٽ آئل يعني تيل جي رياست جھڙيون ڪمپنيون کولي حڪمران عوام جي فلاح و بھبود ڪرڻ جي بدران کين مھانگو تيل کپائي ملڪ جي معيشت کي چوني ھڻڻ ۾ پورا آھن.
موڳي مٽر ھڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي روپ ۾ “پيار، پئسو ۽ پئٽرول” جھڙي شاگردن ۽ استادن جي پسند جي موضوع تي ڊگھي ليڪچر کي ھنن آخري لفظن ۾ بيان ڪندي پورو ڪيو تہ، “زندگي جو ان کان وڌيڪ ڪھڙو الميو ھجي ٿو، جنھن رياست ۾ پئٽرول ايترو تہ مھانگو هوندو آهي، جو عام ماڻھو جو ڌيان پيار ۽ محبت کان وڌيڪ پئٽرول تي مرڪوز هوندو آهي، ڇو تہ ھتي عام واھپي جي شين جو تعلق لائيو اسٽاڪ، زراعت ۽ باغباني کان وڌيڪ پئٽرول ۽ ڊالر سان هوندو آهي. ماڻھوءَ جي معيار جو پئمانو ھاڻي وڃي تيل جي قيمت تي توجھ جو مرڪز بڻيل آھي. چوندا آھن تہ اھڙو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني..! سو ان ڪري پنھنجون پئٽرول يا ڊيزل تي ھلندڙ گاڏيون کپائي سائيڪلون وٺو يا پنڌ ڪري پاڻ کي معاشي ۽ جسماني طور تي صحت مند بڻايو..! ھاڻي جتي بہ اوھانکي پئٽرول نظر اچي ان تي گاسليٽ ھاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، جو نہ ھوندو بانس، نہ ھوندي بانسري ..!.“
ليڪچر پوري ٿيڻ تي ھال ۾ ويٺل واڱڻ رنگي (بصر جي پٽ) شاگرد اُٿي بيھي عرض ڪيو تہ، “سائين ٻہ ٽي روڪڙا ڏئي وڃجو تہ گاسليٽ وٺي بابا پاران پئٽرول پمپ ھڻڻ وارن پوسٽرن کي ساڙڻو آھي…!” جنھن تي ھال تاڙين سان گونجي اٿيو.