اوهان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڀائر ڪرڪيٽرن جون جوڙيون ته جام ڏٺيون هونديون ۽ پيءُ پٽ کي ساڳئي ملڪي ٽيم جي نمائندگي ڪندي ڏٺو هوندو پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته پيءُ سميت سندس ٽئي پُٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندي الڳ الڳ ملڪن جي نمائندگي ڪن اهو پهريون دفعو ٿي رهيو آهي…

                         تازو زمبابوي پاران نوجوان ڪرڪيٽر بين ڪرن کي افغانستان خلاف ٽي-20 سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي بين ڪرن جو پيءُ ڪيون ڪرن پڻ زمبابوي جو ناليوارو ڪرڪيٽر هو ان پهرين بين ڪرن جو وڏو ڀاءُ ٽوم ڪرن ۽ سيم ڪرن انگلينڊ ٽيم طرفان ڊيبيو ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي انگلينڊ جي قومي ٽيم جو حصو آهن

                         انٽرنيشل سطح تي هڪ رانديگر جو سليڪٽ ٿيڻ به وڏي ڳالهه سمجهي ويندي آهي هاڻي تصور ڪريو ته ٻه رانديگر هڪ ئي خاندان مان نڪرندا ۽ پنهنجي قوم جي نمائندگي ڪندا اها ڳالهه ٻيڻي بلڪ ٽيڻي  محنت طلب آهي، انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ اهڙن ڀائرن جو تفصيل سان ذڪر ڪنداسين…

آسٽريليا جي ڀائرن مارڪوا ۽ اسٽيو وا 1980ع کان 2000ع تائين آسٽريليا لاءِ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي انهن ٻنهي مان اسٽيو وا جو ڪيريئر وڌيڪ ڪامياب رهيو هن 168 ٽيسٽ ۽ 325 ون ڊي ميچون کيڏيون. ٻئي طرف مارڪ وا 128 ٽيسٽ ۽ 244 ون ڊي ميچون کيڏيون.

نيوزلينڊ جي ميڪولم ڀائرن گڏجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي برينڊن ميڪيولم قومي ٽيم جو ڪپتان هو سندس ڀاءُ ناٿن ميڪليوم هڪ آف بريڪ بالر هو. اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جا جاڙا ڀائر ايلبي مورڪل ۽ مورني مورڪل گڏ کيڏيا البي مورڪل وڏو ۽ آل رائونڊر هو. مورني مورڪل ننڍو تيز  رفتار بالنگ ۾ مشهور هو.

انڊين ٽيم جي پانڊيا ڀائرن جي ڳالهه ڪجي ته هاردڪ پانڊيا موجوده ٽيم جو بهترين آلرائونڊر آهي جيڪو ٽيم جو اثاثو آهي. هن 2024 ورلڊ ڪپ ۾ قابل فخر ڪردار ادا ڪيو ۽ مختلف موقعن تي قومي ٽيم جي اڳواڻي پڻ ڪئي ٻئي پاسي ڪرنال پانڊيا ٽيم ۾ ڊيبيو ڪيو پر ڪرڪيٽ ۽ آئي پي ايل ۾ گهڻو ڪجهه ڪري نه سگهيو آهي. انڊين ٽيم جي هڪ ٻي جوڙي يوسف پٺاڻ آف اسپنر ۽ پاور هٽر هو ۽ عرفان پٺاڻ کاٻي هٿ جو سيمر هو جيڪو پنهنجي سوئنگ ڊليوري سان بيٽسمين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو هو. اهڙي طرح هڪ وڌيڪ جوڙي مهيندر امرناٿ ۽ سريندر امرناٿ ڏاڏي لالا امرناٿ جا پٽ هئا، ۽ سندن ڏاهپ پنهنجي عظيم پيءُ کان حاصل ڪئي.

پاڪستاني قومي ٽيم ۾ ٽي اڪمل ڀائر قومي سطح تي پرفام ڪري چڪا آهن جنهن ڪامران اڪمل، عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل شامل آهن دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندن سئوٽ ڀاءُ بابر اعظم هاڻي قومي اسڪواڊ جو ڪپتان آهي.

آسٽريلين بيٽسمين شان مارش ۽ مچل آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر جيوف مارش جا پٽ آهن. شان مارش وڏو آهي ۽ هن ٽنهي فارميٽ ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي آهي. مچل مارش ننڍو آهي ۽ هن وقت ٽي 20 فارميٽ ۾ آسٽريلوي ٽيم جو ڪپتان آهي.

آسٽريلين ڀائرن گريڪ چيپل، اين چيپل ۽ ٽريور چيپل کيڏيا جنهن ٽريور چيپل گهڻو بين الاقوامي ڪرڪيٽ نه کيڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪيريئر 1981 ۾ هڪ واقعو پيش آيو، جڏهن هن بيٽسمين کي ڇڪو هڻڻ جي چڪر ۾ زخمي ٿيو.

ساڳئي آسٽريلين ٽيم جي  فاسٽ بالر بريٽ لي جنهن کي سڀ سڃاڻين پر گهڻن کي خبر ناهي ته سندس ڀاءُ شين لي به ملڪ لاءِ کيڏيو هو. شين 45 ون ڊي ميچن ۾ نمايان ٿي چڪو آهي. هو ساڄي هٿ جو بيٽسمين ۽ ساڄي هٿ جو وچولو تيز رفتار بالر هو. اهڙي هڪ وڌيڪ جوڙي مائيڪل هسي عرف مسٽر ڪرڪيٽ آئي سي سي جا ڪيترائي ايونٽ کٽي چڪو هو. هو کاٻي هٿ جو بيٽسمين هو جنهن جي اسٽروڪ ۾ هڪ منفرد خوبي هئي. هن مجموعي طور تي آسٽريليا لاءِ 79 ٽيسٽ ۽ 185 ون ڊي کيڏيا. ننڍو هڪ، ڊيوڊ هسي صرف آسٽريليا لاءِ وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ شامل ٿي سگهيو هو جيڪو ساڄي هٿ جو بيٽسمين ۽ آف اسپنر هو.

زمبابوي ٽيم جي ڳالهه ڪجي ته فلاور ڀائرن زمبابوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪئي. اينڊي فلاور کي ملڪ جو سڀ کان وڏو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سمجهيو ويندو آهي. گرانٽ فلاور، جيتوڻيڪ، هڪ سست کاٻي هٿجو بالر ۽ ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ هو.