ورجينيا( انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شهري پنهنجي پيءُ جي ڏنل تحفي سبب وڏي لاٽري کٽي ورتي. ورجينيا جي هيرون پوري زندگي جي لاءِ هفتيورا 10000 هزار ڊالر جي لاٽري کٽي ورتي آهي جيڪا کيس سندس والد تحفي طور ڏني هئي، هيرون اينڊريوز ورجينيا لاٽري آفيسرن کي ٻڌايو ته هو ۽ سندس زال اپريل ۾ شادي کان وٺي پنهنجي پيءُ جي گهر جي بيسمينٽ ۾ رهي رهيا هئا.هيرون ٻڌايو ته هن جي والد 3 آگسٽ جي ڪيش 4(فار) لائيف ڊرائنگ جو هڪ ٽڪيٽ خريد ڪيو، لاٽري ۾موجود پهرين پنج نمبرن جي ميچ ڪيو ته پوري زندگي جي لاءِ هر هفتي 10000 ڊالر جو انعام کٽي ورتو، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو والد عظيم انسان آهي جنهن سڄي عمر منهنجو خيال رکڻ جي علاوهه ڪجهه ناهي ڪيو.