ممبئي(شوبز نيوز) ڪنهن وقت ۾ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي جان سمجهي ويندڙ مشهور اداڪارا سشميتا سين اڄ ڪلهه فارغ آهي ۽ ڪم ڳولي رهي آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن هو شوبز ۾ واپسي ۽ اداڪاري ۾ واپس اچڻ چاهيندي هئي ته ڪنهن کي فون ڪرڻ ۽ ماڻهن کان ڪم وٺڻ ۾ شرم ايندو هو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي چيو وڃي ٿو ته هاڻي تون پوڙهي ٿي وئي آهين، جنهن تي مون کين چيو ته صرف مان پوڙهي ناهيان ٿي انڊسٽري ۾ ته ٻيا به پوڙها ڪم ڪري رهيا آهن پر مون لاءِ الائي ڇو ڪم ناهي، جنهن سبب سخت پريشان ٿي وئي آهيان.