لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوني وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جي جوڙيل پاليسي کي ڀارت اختيار ڪيو ۽ معاشي ترقي ماڻي. لاهور ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان پاڪستان کي معاشي ڏکيائين کي سمجهون ٿا، اوهان سان سدائين مشاورت ڪئي آهي ۽ مشاورت ذريعي ئي اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته اسان جي جوڙيل پاليسين تي پاڪستان جي ڪاروباري برادري ڀرپور عمل ڪيو، اسان پاليسين کي ڀارت اختيار ڪيو ۽ معاشي ترقي حاصل ڪئي. هن چيو ته 2013ع کان 2017 دوران پاڪستان دنيا جي 24 معيشت بڻجي چڪو هو، اسان چار سال ڊالر کي 104 تي برقرار رکيو، جيڪڏهن اسان جي دور جي ترقي ۽ پاليسي جاري رهي ها اڄ ڊالر چاليهه يا پنجاهه رُپين جو هجي ها.  ميان نواز شريف وڌيڪ چيو ته صنعتن ۾ ايندڙ پيسي جي باري ۾ نه پڇڻ جي پاليسي هجڻ گھرجي. اهو نه پڇيو وڃي ته پيسو ڪٿان آيو.  هن چيو ته 1990 ع کان پوءِ کان وٺي اسان ڪاروبار کي روايتي دائرن کان آزادي ڏياري. ٻيا ملڪ به انهن مرحلن مان گذريا آهن. اسان پاليسيون ٺاهيون ته خزانو ڀرجڻ شروع ٿي ويو. هن چيو ته ماڻهو ترقي گھرن ٿا. تعليم ۽ صحت گھرن ٿا، ته اهو انهن جو حق آهي ۽ اهي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. 2013ع کان 2017ع دوران پاڪستان دنيا جي 24هين معيشت بڻجي چڪو هو. هن چيوته 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا هئا ته اسلامي ملڪن پاڪستان کي پنهنجو رکوالو سمجھڻ شروع ڪري ڏنو هو. هاڻي حالت اها ٿي وئي آهي جو هڪ هڪ ارب لاءِ محتاج ٿي ويا آهيون. اهو ڪهاڙو اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي هنيو آهي. اهو خراب حالتن ۾ پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيو. ن ليگ قائد چيو ته ايتري مهانگائي ۾ عوام ڪيئن جيئرو رهندا؟ ڪاروبار ڪيئن هلندو؟ قوم کي ڪوڙا خواب ڏيکارڻ جو سلسلو هاڻي بند ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته 2022ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هئاسين، پر پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ ضروري هو. هن چيو ته شهباز شريف جي استعيفيٰ ڏيڻ جي تقرير تيار هئي، مون تقرير ڏٺي هئي. اسان ڌمڪين جي آڏو جھڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي مفاد لاءِ بي خوف ٿي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. ڳالهه پاڪستان جي هجي ته اسان فيصلن کي ذاتي مفادن تي نقصان جي پرواهه ڪڏهن ناهي ڪئي. اسان ۾ ۽ ٻين ۾  فرق آهي.  پاڪستان کي بچائڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پوي، ڪندا آهيون،ڪندا رهنداسين. معيشت جا فيصلا دليري ۽ بهادري سان ڪرڻا پوندا، عوام کي رليف ڏيڻو پوندو. گھريلو واهپيدارن لاءِ بجلي سستي ڪرڻي پوندي، انهن سان ظلم ٿي رهيو اهي. هيلٿ ڪارڊ ڏنو هو. غريب جو علاج اسٽيٽ جي ذميواري آهي.

ايبٽ آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي ٻيون يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنائڻ کان بهتر آهي ته عوام مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏئي، مايوس نه ڪندس. ايبٽ آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنونيشن کي خطاب ڪندي بلاول چ يو ته پيپلز پارٽي محروم طبقن جي پارٽي آهي هن پارٽي جو تعلق عوام سان 3 نسلن کان آهي. آصف زرداري پنهنجي دور ۾ جيڪي ڪم ڪيا اهي اوهان جي سامهون آهن. آصف زرداري خيبرپختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني، بي آءِ ايس پي جي ذريعي عوام جي مدد ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ غربت رڪارڊ تي پهچي وئي آهي. سياستدان، بيورو ڪريسي ۽ حڪومت کي زميني حقيقتن جو اندازو نه آهي. غربت ۽ مهانگائي انتهائي تيزي سان وڌي رهي آهي. پراڻيون پارٽيون پراڻي سياست ۾ لڳل آهن. بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ ٻڌايو ويندو آهي ته هي اوهان جو وزيراعظم آهي. اسان کي جيڪڏهن مسئلن مان نڪرڻو آهي ته نئين سياست جي طرف وڌڻو پوندو ان لاءِ نوجوانن کي اڳيان اچڻو پوندو. هڪ نئين سياست ۽ هڪ نئين قيادت جي ضرورت آهي اڄ ۽ سڀاڻي جي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي جي منشور ۾ آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن کي ٻيون يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنائڻ کان بهتر آهي ته اوهان مون کي موقعو ڏيو، توهان جي هڪ نوجوان پرڏيهي وزير جي ڪارڪردگي ڏسو، مون عملي طور ثابت ڪيو ته نوجوان ڪم ڪري سگھن ٿا. عوام هڪ ڀيرو موقعو ڏئي، انشاءَالله مايوس نه ڪندس. پيپلز پارٽي جي مخالفت  نواز ليگ يا پي ٽي آءِ سان نه آهي. اسان جي مخالفت مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان آهي اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا 70 سالن جي عمر وارن ماڻهن جي هٿن ۾ حڪومت ڏئي ڇڏيون؟ ملڪي مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ مشڪل نه آهي. بس نيت صحيح هجڻ گهرجي. هڪ نظريو ۽ هڪ منشور هجڻ لازمي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان وٽ مهانگائي کي روڪڻ ۽ غربت کي ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن جي لاءِ سمورين پارٽين کي اسان سان گڏ ملي هلڻو پوندو.