ويٽيڪن سٽي (م ڊ) مسيحين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس غزه جنگ جو ذميوار هٿيارن جي واپار کي قرار ڏئي ڇڏو آهي. ڪرسمس جي سالياني تقريب ۾ خطاب ڪندي پوپ فرانسس هٿيارن جي واپارين تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته امن جي ڳالهه ڪيئن ڪيون، جڏهن هٿيارن جو واپار عروج تي هجي. غزه جنگ جي ڏور هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽرين وٽ آهي. سندس چوڻ هو ته غزه ۾ قيد يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي، ڌرين ۾ ڳالهيون ٿيڻ گھرجن. هن چيو ته معصوم شهرين تي اسرائيلي ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گھرجي. غزه ۾ شهرين جو قتل روڪيو وڃي.