ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ويٽيڪن سٽي ۾ پوپ فرانسس جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪي سربراهن، سياسي اڳواڻن ۽ معزز شهرين شرڪت ڪئي. آخري رسمون سينٽ پيٽرز باسليڪا ۾ مذهبي روايتن ۾ ٿيون، خاص دعائون ۽ عبادتن جو اهتمام ڪيو ويو. پوپ جون آخري رسمون شروع ڪرڻ کان اڳ سينٽ پيٽرز باسيليڪا جون گهنٽيون وڄايون ويون. ويٽيڪن سٽي جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي، 2 هزار پوليس موجود رهيا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ميلانيا ٽرمپ، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر، فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ۽ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنڪسي سميت اهم شخصيتون آخري رسمن ۾ موجود رهيون. تدفين سانتا ماريا ميگيور جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.