نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ ٻي عالمي جنگ وڙهندڙ 98 ورهين جي ويٽرن آخرڪار هاءِ اسڪول مان ڊپلوما ڪري ورتي. رهوڊ آئي لينڊ واسي اينٿوني سائمن پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجڻ لاءِ 16 ورهين جي عمر ۾ هاءِ اسڪول کي ڇڏي 17 سالن جي ڄمار ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ آمريڪي فوج ۾ شامل ٿي ويو. هن بلج جنگ ۾ حصو ورتو. جنگ تان واپسي تي پنهنجو جد اي ڊي حاصل ڪيو پر هان وٽس ڪرينسٽن هاءِ اسڪول ايسٽ جي ڪري آفيشل هاءِ اسڪول ڊپلوما موجود آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي اميد نه هئي ته ائين عزت بخشي ويندي. اينٿوني جي پوٽي ڊپلوما ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي جيڪا ان اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي.