پوين ٻوڏن ۽ برساتن مان پرايل سبق

0
75
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

 هن سال جيڪي برساتون پيون تن سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي، گذريل سالن ۾ به برساتون پيون پر هن سال پيل برساتن جيڪا تباهي مچائي سا تمام گهڻي آهي پر اسان کي ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته گذريل برساتن ۽ ٻوڏن مان سبق پرايون، انهي نموني ۾ هن سال پيل برساتن کي منهن ڏيڻ سولو ٿي پوندو.

2011ع جي برساتي ٻوڏ

                 ان سال سنڌ جي کاٻي پاسي وارن علائقن ۾ تمام گهڻي برسات پئي، اها 9 آگسٽ کان 12۽ 13 سيپٽمبر تائين هلي،انگن اکرن مطابق جيڪا برسات پئي اها هن ريت هئي.

ضلعو بدين 612 ملي ميٽر

ضلعو ميرپوخاص 866 ملي ميٽر

ضلعو مٺي 1162 ملي ميٽر

ضلعو عمرڪوٽ 541 ملي ميٽر

شهيد بيظيرآباد 622

حيدرآباد 402

                 پاڻي ٻنين شهرن ۾ بيٺو رهيو،ايل، بي، او، ڊي سم نالو اٿلي پيو ان کي  ڪيترا کنڊ پئجي ويا، جتي پاڻي  نڪاسي جو نظامبھ هو، اتي به ٽي مهينا پاڻي بيٺو رهيو، جهڏو،نئون ڪوٽ، سميت ڪيترائي شهر ٻڏي ويا، روڊ ۽ رستا ڪٽجي ويا.

2012ع واري برساتي ٻوڏ:

اترين سنڌ ۾ 9 ۽ 10 سيپٽمبر ۾ وسڪارو پيو. جيڪب آباد ضلعي ۾ ٻن ڏينهن ۾ 461 ملي ميٽر مينهن پيو، جيڪي ضلعا تمام گهڻا متاثر ٿيا سي هئا، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو.

مٿين برساتن مان سکيل سبق:

سال 2010ع واري ٻوڏ مان هيٺيان سبق پراياسين:

  1. پاڻي نيڪال واري نظام کي وڌائڻ جي ضرورت
  2. جتي نقصان نه پهتو آهي اتي نئون نظام ٺاهڻ کپي
  3. جتي پاڻي ڪڍڻ جو نظام آهي اتي فطري دڳ بند هئا

جيڪڏهن انهن کي کولجي ته پاڻي سولائي سان نڪري سگهي ٿو

  1. اهو پاڻي ٿر پاسي ورائي سگهجي ٿو
  2. سم نالين جي صحيح سار سنڀال نه هئي
  3. ماڻهو انهي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا.
  4. ٻوڏ جو چتاءُ ڏيڻ وارو نظام صحيح نه هو
  5. بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ دڙا ۽ ٿلها ڪو نه هئا

سال 2006ع واري برساتي ٻوڏ:

 سال 2006ع ۾ به برساتن ڪري حيدرآباد شهر ٻڏو، لطيف آباد ۾ ٻيڙيون هلڻ لڳيون راڻي باغ، چڙياگهر وارا جانور ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ رکڻا پيا،مطلب ته حيدرآباد ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي.

پرايل سبق:

هيٺيان سبق پرايا ويا.

  1. پاڻي ڪڍڻ جو نظام ٺيڪ رکڻ کپي
  2. پاڻي ڪڍڻ وارن پمپن کي ايترو مٿي رکو ته اهي برساتن ڪري نه ٻڏن

3.نون  علائقن کي به شامل ڪجي، انهي زماني ۾ قاسم آباد نه هو

سال 2010ع اوري دريائي ٻوڏ:

هي دريائي ٻوڏ سال 2010ع ۾ آئي جنهن ڪري سنڌ ۾ چئن هنڌن تي کنڊ پيا،جنهن ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو، خاص طرح ٽوڙي واري کنڊ جي ڪري جنهن ۾ سکر بيراج کان هيٺ سڄو پاسو ٻڏو، پاڻي قمبر، شهدادڪوٽ ضلعن تائين پهتو، خاص ذڪر اهو آهي ته خيرپورناٿن شاھھ شهر ٻڏو، انهن نقصانن ڪري سڄي سنڌ مان لڏپلاڻ ٿي ڪيترا ماڻهو بي گهر ٿي ويا ۽ روڊن تي وڃي ويٺا.

پرايل سبق:

منهنجي خيال ۾ هيٺيان سبق پرايا ويا:

  1. بندن کي مضبوط ڪيو
  2. چون ٿا ته اهو کنڊ جو نقصان اهو ٿيو ته جتي کنڊ پيو اتي اوورٽاپ ٿي ويو، جنهن لاءِ بند کي مٿي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
  3. وري جتي بند جو سيڪشن ڪمزور اتي انهي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي معنيٰ بند جي سيڪشن کي ويڪرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

منهنجي خيال ۾ مٿين اپائن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته بند مضبوط ٿي ويندو.

اسان کي کپي ته مٿي پرايل سبق تي عمل ڪيون ته جيئن ايندڙ برساتن ۽ دريائي ٻوڏ ۾ علائقا نه ٻڏن ۽ بند مضبوط هجن.

وري مان شاهه صاحب جو اهو بيت ورجائيندس ته

آسرو نه لاهيج، سڄڻ ٻاجهارو گهڻو

(شاهه لطيف)