ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل پونم پانڊي سان مداح جي سرعام اڻ وڻندڙ حرڪت جي وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن اداڪارا روڊ تي پاپارازي سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن دوران هڪ مداح اوچتو پويان اچي پونم پانڊي سان سيلفي جي درخواست ڪئي. مداح جي اهڙي حرڪت تي پونم پانڊي ڇرڪي پئي، پر مداح اخلاقيات جا سڀ ليڪا لتاڙيندي اداڪارا کي چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اداڪارا گهٻرائجي ويئي. ان دوران موجود فوٽوگرافرز به مداح جي اهڙي حرڪت کي انتهائي اڻوڻندڙ قرار ڏنو، جڏهن ته پونم پانڊي فوري طور اتان هلي وئي.