اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ۽ گهرو وزير پاران نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪندي  شهيد پوليس اهلڪار عبدالوحيد کي ڀيٽا پيش ڪندي سندس خاندان سان همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليو ٽيم تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، پوليو مهم خلاف شرپسند عناصر سان سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهيد اهلڪار جي سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺا آهيون. حملو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آصف علي زرداري چيو آهي ته پوليو خلاف لڳاتار ويڪسين مهم، مؤثر نگراني ۽ هيلٿ ورڪرز جي بهادري سبب پوليو ڪيسن ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. پوليو کان پاڪ پاڪستان جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ٿيندڙ بزدلاڻا حملن ۾ شهيد ٿيندڙ پوليو ورڪرن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، صدر چيو ته اسان کي پوليو ورڪرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيستائين پوليو جو مڪمل خاتمو نه ٿيندو، تيستائين سڪون سان نه ويهنداسين. صدر چيو ته والدين پوليو ورڪرن لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏين ۽ پنهنجي ٻارن کي ضروري پوليو جا قطرا پيارين.  هن چيو ته اسان کي ويڪسين بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته جابلو علائقن ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن تائين رسائي اڃا به هڪ وڏو چئلينج آهي. اسان کي ويڪسين جي شرح کي وڌائڻو پوندو.