پوليو ورڪر سان لڄالٽ واري واقعي جو وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ بعد جيڪب آباد انتظاميا ۽ پوليس ۾ وڏي اٿل پٿل، ڊي سي جيڪب آباد ظهور حسين مري کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي کي ڏنل اضافي چارج به واپس ورتي وئي
يونيورسٽي اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جو ايڊيشنل سيڪريٽري ابرار احمد جعفر جيڪب آباد جو نئون ڊي سي مقرر، امير فضل اويسي کان اضافي عهدي جي چارج سنڀالڻ کان اڳ ئي چارج واپس ورتي وئي
وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪم تي گذريل ڏينهن جيڪب آباد جي ڊي سي ظهور مري، ايس ايس پي سمير نور چنا ۽ ڊي ايڇ او ارشاد کي هٽايو ويو هو، ايس ايس پي سمير نور چنا جي جاءِ تي واڌو چارج ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي حوالي
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار پوليو ورڪرز جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اِن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي