سنڌ صوبي ۾ پوليو ويڪسين جي بائيڪاٽ جو مسئلو سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سان پوليو جي خاتمي جي ڪوششن کي وڏو ڌڪ پهتو آهي. مختلف علائقن ۾ پوليو ويڪسين خلاف منفي سوچ ۽ غلط فهميون اُڀري آيون آهن. ڪيترن ئي والدين جو خيال آهي ته ويڪسين محفوظ ناهي، جڏهن ته ڪجهه مذهبي گروهن جي طرفان پوليو ويڪسين کي غلط طريقي سان اسلامي تعليمات خلاف ڄاڻايو پيو وڃي. ان کان علاوه، سوشل ميڊيا تي ڪجهه وڊيوز ۽ غلط معلومات به ماڻهن کي ويڪسين کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جنهن سان ويڪسين خلاف روڪ وڌندي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير جي ان بيان مان به سنڌ ۾ پوليو مھم جي رستي روڪ جو پتو پوي پيو ۽ وڏي وزير جو بيان انتظامي ناڪامي جو اعتراف آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته، ڪراچيءَ جي 85 سيڪڙو شهري ٻارن کي پوليو جا ڦُڙا پيارڻ کان انڪاري آهن.
سندھ ۾ پوليو مهم دوران پوليو ورڪرن تي حملن جو رجحان پڻ جاري آهي، جنهن سبب پوليو ٽيمن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. هي صورتحال نه رڳو صحت ڪارڪنن لاءِ خطرو آهي، پر والدين به انهن خطري جي خدشن سبب پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ رنڊڪ محسوس ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ، ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن طرفان بنيادي سهولتون جهڙوڪ، روڊ، پاڻي، ۽ بجلي مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ پوليو ويڪسين کي هڪ ھٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪجهه علائقن ۾ ويڪسين جي اجازت ڏيڻ کان اڳ ۾ اهي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان ڪالھوڪي “پنھنجي اخبار” جي خبرن موجب: خانپور ويجهو ڳوٺ نور محمد شجراع جي رھواسين پاران ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ يوسي چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ٽيمون واپس موٽي ويون، فوڪل پرسن ڳوٺاڻن جا مطالبا ڊي سي وٽ پھچايا، ڳوٺاڻن جي راضپي سان ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا، نيو سعيد آباد ويجھو بکر جمالي ڀرسان ٽن ڳوٺن ڳوٺ جان محمد جمالي، ڳوٺ خميسو خاصخيلي ۽ ڳوٺ علي شير خاصخيلي جي ڳوٺاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجن پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪندي ٻاڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڊي ايس پي نيو سعيد آباد، اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيدآباد سميت ڊاڪٽرن جون ٽيمون ڳوٺن ۾ پھچي ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪيون، ڳوٺاڻن پنھنجا مطالبا پيش ڪندي چيو ته ڳوٺ جان محمد جمالي جي اولھندي پاڙي جو مين رستو ٺھرائي ڏيو، ڳوٺ خميسو خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته پرائمري اسڪول ۾ 8 مھينن کان استاد مقرر ناھي، ٻاڙن جي تعليم تباھ ٿي وئي آھي، استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي، ڳوٺ علي شير خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسڪول ۾ سولر پليٽ بيٽريون ۽ پکا نه آھن، جنھن ڪري ٻاڙ سخت تڪليف ۾ مبتلا آھن، اسسنٽ ڪمشنر مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي 5 ڏينھن جي مھلت گھري، مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري تي ڳوٺ جان محمد جمالي ۽ خميسو خاصخيلي جا ڳوٺاڻا مشروط طورتي راضي ٿي ويا پر ڳوٺ علي شير خاصخيلي جي ڳوٺاڻن انڪار ڪندي فوري مسئلو حل ڪرڻ جي گھر ڪئي جنھن بعد ٽيمون واپس روانيون ٿي ويون، جمال شاهه جي ڳوٺ محمد صديق ڏاھري واسين اسڪول جي بلڊنگ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ميرپور ماٿيلي ڀرسان شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف گڏاڻي برادري جي 4 ڳوٺن گل بيگ گڏاڻي، قبول گڏاڻي، مراد بخش گڏاڻي ۽ ڳوٺ خدا بخش گڏاڻي ۾ رهواسين پوليو جو بائيڪاٽ ڪندي پنهنجي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صرف اھوئي نه، ڪجھ ھنڌن تي پوليو ويڪسين جي مدي خارج ھجڻ بابت به تاثر وڌي رھيو آهي، جنھن ۾ صداقت به ٿي سگھي ٿي، جو سنڌ ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ۽ ويڪسين کي محفوظ رکڻ وارين سھولتن جي پڻ اڻاٺ آهي. جيڪب آباد جي ڳوٺ جونگل جي ٻن ٻارن جي ڦڙا پيئڻ کانپوءِ طبيعت خراب ٿي وئي 5 ورهين جو شعبان ٻرڙو ۽ 4 ورھين جي اقصيٰ ٻرڙو کي ٺل اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان بيهوشي جي حالت ۾ جيڪب آباد جي جمس اسپتال آندو ويو آهي اسپتال ۾ موجود ڳوٺاڻن الزام مڙهندي چيو ته مدي خارج ڦڙا پياريا ويا آهن
ان صورتحال جو سڀ کان وڏو اثر ٻارن تي پئجي رھيو آهي، جيڪي هن خطرناڪ وائرس جي خطري ھيٺ آھن. پوليو وائرس جي موجودگي سان نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان کي نقصان آهي، پر عالمي سطح تي پوليو جي خاتمي جون ڪوششون به متاثر ٿي رهيون آهن. عالمي ادارا ۽ صحت جون مختلف تنظيمون، جن ۾ يونيسيف پڻ شامل آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکيو اچن، پر سنڌ سميت پاڪستان ۾ ويڪسين خلاف موجود منفي رجحان انهن ڪوششن کي وڏي ڏکيائيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن صورتحال ۾ انتظاميا ۽ صحت جي ماهرن کي سماجي اڳواڻن، مذهبي عالمن، ۽ ميڊيائي ادارن سان گڏجي ويڪسين بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن هر ٻار کي محفوظ ۽ صحت مند زندگي فراهم ڪري سگهجي. پوليو ويڪسين کي مسئلن جي حل لاءِ ھٿيار طور استعمال ڪندڙن خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. احتجاج لاءِ پوليو ويڪسين کي ھٿيار بنائڻ نه گھرجي. پوليو ويڪسين کي محفوظ رکڻ لاءِ سموريون گھربل سھولتون مھيا ٿيڻ گھرجن. پوليو ويڪسين خلاف پروپيگنڊا مھم جي رد طور حڪومت کي اثرائتي جاڳرتا مھم شروع ڪرڻ گھرجي.