ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهواسين مطالبن جي مڃتا لاءِ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ راڻيپور ۾ وارڊ ون واطڻي وڏا ابل واھ ڀرسان رهائشي ڪالوني واسي ابراهيم شاهه پنهنجي ٻارڙن کي پوليو پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بعد ۾ عملدارن گهر جا دروازا کولرائي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا. گمبٽ جي ڪسان ڪالوني ۾ عابد هاليپوٽو پنهنجي نياڻي کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اي سي پوليس ساڻ ڪري ڪسان ڪالوني پهچي وئي ۽ وارثن کي منٿون ڪري ٻارڙي کي ڦڙا پياريا ويا. دادلغاري ويجھو ڳوٺ محمد اسحاق پتافي جي ڳوٺاڻن پرائمري اسڪول ۾ 5 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي محمد اسلم، رمضان پتافي، حاجي جمع پتافي، علم الدين، عبدالرشيد پتافي پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن ڪري 200 کان وڌيڪ ٻارڙا پوليو پيارڻ کان رھجي ويا. قاضي احمد جي مختلف ڳوٺن صاحب خان زرداري، ڪيوڙو زرداري، يار محمد زرداري، احمد خان گھلو، مير حمزو خاصخيلي، دوست علي خاصخيلي، قاضي احمد موڙ واسين بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪندي ٽيم کي واپس ڪڪري ڇڏيو، بعد ۾ عملدارن جي داخلت تي کين راضي ڪيو ويو. رستم لڳ ڪوٽ شاھو واري علائقي جي ڳوٺ اربيلو جتوئي سميت ٽن کان وڌيڪ ڳوٺن جي رھواسي ڳوٺاڻن پاران بنيادي سھولتن جي کوٽ سبب لڳ ڀڳ ھڪ سئو ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارڻ کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ٽنڊو محمد خان جي يوسي سعيد متو جي ڳوٺ راشي ڪولهي جي رهواسين پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٽنڊو محمد خان ڊاڪٽر صادق خواجه کي به ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. هنن سموريون بنيادي سهولتون ڏيڻ جي گهر ڪئي. ٽنڊو باگو ڀرسان ڳوٺ محمد خان لغاري، ڳوٺ کيتو ريٻاري، ڳوٺ سومجي ڪولھي ۽ ڳوٺ فتح محمد ڪلوئي جي رهواسين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪلوميٽر سم نالو کوٽرائي نه ڏيڻ تي 150 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.