سڄي دنيا پوليو کان پاڪ ٿي چڪي آهي، سواءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون نه ٿيڻ جي ڪري ان بيماريءَ جو خاتمو ٽن ڏهاڪن ۾ به ممڪن بڻجي نه سگهيو آهي. حڪومت طرفان وڏي پئماني تي اثرائتي جاڳرتا مهم نه هلائڻ جي ڪري پوليو ويڪسين خلاف ڦهلايل غلط پروپيگنڊه جو اثر اهو آهي، جو وڏي پئماني تي پوليو ويڪسين جي مزاحمت ٿي رهي آهي. هاڻي ته ڪجهه سالن کان سنڏ مان به تواتر سان اهڙيون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ته ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي سندن علائقي جي مسئلن جي حل سان مشروط ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ٿا ڇڏين، جيڪو انتهائي خطرناڪ عمل آهي. هن ڀيري به ان حوالي سان ڪجهه خبرون رپورٽ ٿيون آهن. چوٽياريون جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ قتل ٿيل ٽن نوجوانن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن انصاف نه ٿيڻ ۽ بااثرن طرفان ڌمڪائڻ تي احتجاج طور پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مورو جي يوسي پراڻو گچيرو جي ڳوٺ ڇٽو ڀٽو جي رهواسين پڻ گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي اسماعيل ڀٽو ۾ استاد نه ملڻ تي پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اڏيرولال لڳ يوسي ڀائو خان پٺاڻ جي ڳوٺ لکمير کوسو جي رهواسين به بنيادي سهولتن جي اڻاٺ خلاف احتجاج ڪندي پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو. ڪا قانون سازي نه هجڻ جي ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙن خلاف ڪو قدم نٿو کڄي، ويتر انتظاميا جا منٿ ميڙ قافلا بائيڪاٽ ڪندڙن وٽ پهچن ٿا ۽ “آزي نيازي پروگرام” شروع ڪري ڳوٺاڻن کي ريجهايو وڃي ٿو. ڪن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ته ڪن سان وچن قول قرار ڪيا ويندا آهن.
دنيا جا صرف ٻه ملڪ، پاڪستان ۽ افغانستان، اهڙا بچيا آهن جتي پوليو وائرس اڃا تائين موجود آهي. ان جو بنيادي سبب رڳو بيماري جو پکڙجڻ نه آهي، پر ان ويڪسين جي خلاف ماڻهن ۾ موجود شڪ، سازشي نظرين، ۽ حڪومت جي ناقص حڪمت عملي آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پوليو ويڪسين مهم دوران ڪجهه علائقن، خاص ڪري خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ ويڪسين جي بائيڪاٽ جون خبرون اچڻ لڳيون آهن. هي رجحان نه رڳو عام ماڻهن (ٻارڙن) جي صحت لاءِ خطري جو سبب بڻيل آهي، پر ملڪ جي عالمي ساک کي به سخت متاثر ڪري رهيو آهي. پوليو هڪ اهڙو وائرس آهي، جيڪو معصوم ٻارن کي سدائين لاءِ معذور ڪري ڇڏيندو آهي. ان بيماري جو نه ڪو مستقل علاج آهي ۽ نه ئي ويڪسين کانسواءِ ٻيو ڪو مؤثر طريقو موجود آهي. صحت جو عالمي ادارو (WHO) ۽ ٻيا بين الاقوامي ادارا پاڪستان کي هن بيماري کان پاڪ ڏسڻ چاهين ٿا، پر جڏهن ملڪ جي اندر ئي مخالفت ٿئي ٿي ته انهن ڪوششن کي سخت ڌڪ لڳندو آهي.
ويڪسين خلاف ڦهليل افواهن خلاف حڪومت پاران نه ڪا سنجيده آگاهي مهم هلي ٿي، نه ميڊيا جو صحيح استعمال ٿئي ٿو، جيستائين انهن سڀني عنصرن کي مربوط حڪمت عمليءَ سان گڏ نه آندو ويندو، تيستائين هن بيماريءَ جي مڪمل خاتمي جو خواب اڌورو رهندو. ان کان علاوه، حڪومت جي ناقص منصوبا بندي، ڪرپشن، ۽ بين الاقوامي فنڊز جو غير مؤثر استعمال به هن مهم جي ناڪاميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هر سال پوليو مهم لاءِ اربين رپيا رکيا وڃن ٿا، پر انهن جو حقيقي فائدو عوام تائين نه ٿو پهچي. ڪٿي ويڪسين ضايع ٿي وڃي ٿي، ڪٿي عملي جو وقت تي نه پهچڻ مسئلو آهي، ۽ ڪٿي ٻارن جي مڪمل فهرست ئي موجود ناهي. اهي سڀ عنصر ويڪسين جي بائيڪاٽ واري فضا کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿا.
بين الاقوامي برادري جون نظرون پاڪستان تي آهن، ۽ جيڪڏهن هي رجحان اهڙيءَ ريت جاري رهيو ته اهو ممڪن آهي ته دنيا پاڪستان تي سفر جون پابنديون لاڳو ڪري يا صحت جي شعبي ۾ ملندڙ امداد کي محدود ڪري ڇڏي. اهو نه رڳو ملڪ جي وقار لاءِ نقصانڪار هوندو، پر لکين ٻارن جي مستقبل کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. ان ڪري اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته پوليو مهم جي بائيڪاٽ واري رجحان جي حوصلي شڪني ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان اثرائتي قانونسازيءَ جي پڻ ضرورت آهي.