پشاور (م ڊ) پاڪستان ۾ پوليو جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿي پيو، هلندڙ سال دوران انگ 50 ٿي ويو، اسلام آباد ۾ نيشنل انشٽي ٽيوٽ آف هيلٿ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قائم ريجنل ريفرنس ليبارٽري پاڪستان مان هڪ ٻيو وائلڊ پوليو وائرس ڪيس جي تصديق ڪري ڇڏي، ليب ڪي پي جي ضلعي ٽانڪ ۾ ٻارڙيءَ ۾ پوليو ڪيس جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ هلندڙ سال دوران ڪيسز جو انگ 50 ٿي ويو، هيل تائين بلوچستان ۾ 24، سنڌ ۾ 13، ڪي پي ۾ 11، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ پوليو جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي