اسلام آباد (م ڊ) پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ ۾ پوليو وائرس سان متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 52 ٿي ويو، اختيارين موجب متاثر ٿيل ٻنهي ٻارڙن جو تعلق ڪي پي جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان سان آهي، پوليو وائرس سان متاثر ٿيل ٻارڙن جي عمر ڏيڍ سال ۽ 3 سال آهي، هلندڙ سال ڪي پي ۾ پوليو متاثر ٻارڙن جو انگ 13 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 24 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا، سنڌ ۾ به 13 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ٻارڙو پوليو وائرس جو شڪار ٿي چڪو